قاضي ڏتو سيوهاڻي

قاضي ڏتو سيوهاڻي: هيءُ بزرگ ارغون دؤر ۾ سيوهڻ جو قاضي، مفسر ۽ علمِ جفر جو ماهر ٿي گذريو آهي. قاضي ڏتي ولد قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهوءَ جي نسبت مخدوم قاضي محمود سان وڃي ملي ٿي. سندس وڏو ڏاڏو شيخ محمود سيوستاني ۽ والد شرف الدين ناليوارا بزرگ ٿي گذريا آهن. قاضي ڏتو، مرزا شاهه حسن پاران قاضي القضات مقرر هو. هن ڪيترن ئي فاضلن جي صحبت مان فيض پرايو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪري، بعد ۾ علامه عبدالعزيز البهروي ۽ مخدوم محمود فخرپوٽي کان تعليم ورتائين. حديث جو علم حضرت مخدوم بلال وٽان حاصل ڪيائين. قاضي ڏتو سيوهاڻي، فارسي، عربي زبانن کانسواءِ ترڪي زبان جو به وڏو ماهر هو. والد جي وصيت موجب والد جي وفات بعد حضرت مخدوم بلال جي هٿ تي بيعت ڪيائين.تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي ته انهيءَ زماني ۾ جڏهن ڪتاب بلڪل ناياب هوندا هئا، سندس حافظو ايترو ته زبردست هو، جو صفحن جا صفحا ياد پڙهندو هو. کيس قرآن شريف جا ارڙهن تفسير ياد هئا. مرزا شاهه حسن ارغون سندس علميت تي عاشق هو، جنهنڪري وٽس ڪيترو وقت پڙهيو ۽ کيس پاڻ کان گھڻو ڪري جدا نه ڪندو هو. شاهه حسن ارغون، قاضي ڏتي جون تقريرون پنهنجي دستخط سان لکندو ويندو هو، مير محمد معصوم بکري لکي ٿو ته: ”مون به علامه قاضي صاحب جي خدمت جو درس ورتو آهي.“ روايت آهي ته هڪ دفعي شاهه حسن ارغون وٽ هڪ ڪتاب سوکڙيءَ طور آيل هو، جنهن جي عبارت ۽ مطلب ڪنهن به عالم کي سمجھه ۾ نٿي آيو. جڏهن اهو ڪتاب قاضي ڏتي کي ڏنو ويو ته پاڻ بنا ڪنهن رنڊڪ جي ان جي عبارت پڙهي ويو ۽ ان جو مطلب به ٻڌايائين. جنهن ڪري وقت جا سڀ عالم فاضل حيرت ۾ دنگ رهجي ويا. مرزا شاهه حسن ارغون، سيد نظام الدين، امير محمد معصوم بکري وغيره سندس شاگرد هئا. قاضي ڏتو علم جفر ۽ ٻين مخفي علمن جو به وڏو عالم هو. هن 970هه/ 1562ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار باغبان، ضلعي دادوءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو